ديويڪا راڻي

ديويڪا راڻي

ديويڪا راڻي

ديويڪا راڻي: برصغير جي پهرين خاتون اداڪاره ديويڪا راڻيءَ جو تعلق ٽئگور خاندان سان هو. انگلستان مان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري 18 سالن جي عمر ۾ هندستان موٽي آئي. هن کي فلمي دنيا ۾ اچڻ جو گهڻو شوق هو، ان ڪري فرانس، انگلنڊ ۽ جرمنيءَ جي نگارخانن ۾ وڃي تربيت ورتائين ۽ فلم جي هر شعبي ۾ ڄاڻ حاصل ڪيائين. هن جي فني صلاحيت کي ڏسندي ’ٽوئينٽيٿ فاڪس سينچري‘ جهڙي اداري کيس فلم ’سنيڪ چارمرس ڊاٽر‘ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. ڇو ته ان وقت هيءَ سئيزرلينڊ جي هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ ڪم ڪري رهي هئي. ان کان پوءِ هوءَ هندستان موٽي آئي. 1929ع ۾ هن فلمساز همسو راءِ سان شادي ڪئي. هن پنهنجي پهرين فلم ’ڪرما‘ ۾ اداڪاري ڪئي، جيڪا هندستان جي آخري انگريزي فلم هئي ۽ لنڊن جي اسٽول اسٽوڊيوز ۾ فلمائي هئي. هن فلم جي ڪاميابيءَ کان پوءِ ديويڪا راڻي ۽ سندس مڙس همسو راءِ ’بمبئي ٽاڪيز‘ جو بنياد وڌو، جتان ڪيتريون يادگار فلمون تيار ٿيون، جن ۾: ’جواني ڪي هوا‘، ’مامتا‘، ’خاوند بيوي‘، ’اڇوت ڪنيا‘، ’درگا‘، ’نرملا‘ ۽ ’جوار ڀاٽا‘ شامل آهن. هن دليپ ڪمار کي فلمي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. مڙس جي مرڻ کان پوءِ هن همت نه هاري ۽ فلمساز جي حيثيت سان ’پنر ملن‘، ’انجان‘، ’جهولا‘، ’بسنت‘، ’قسمت‘، ’هماري بات‘، ’چار آنکهين‘، جوار ڀاٽا‘ ۽ ’پريتما‘ جهڙيون وڏيون فلمون ٺاهي هندستان جي فلمي صنعت جي ڪاميابيءَ لاءِ بنياد رکيو. سندس انهن خدمتن عيوض ڪجهه سال اڳ کيس ڀارت جي سڀ کان وڏي اعزاز ’پدماشريءَ‘ سان نوازيو ويو.


لفظ ديويڪا راڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو